اين ايم عقيلي

اين ايم عقيلي

اين ايم عقيلي

اين. ايم. عقيلي: هن جو اصل نالو نبي بخش محمد صديق عقيلي آهي. هيءُ بئنڪ ڪار ۽ اقتصاديات جو ماهر، 11 آگسٽ 1913ع تي ٺٽي جي مشهور عقيلي خاندان ۾ پيدا ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ بئنڪ ۽ اقتصاديات جي شعبي سان وابسته ٿيو. 1951ع ۾ بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي شعبي فارين ايڪسچينج جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.
1958ع کان 1966ع تائين پاڪستان انڊسٽريل ڪريڊٽ ۽ انويسٽمنيٽ ڪارپوريشن (PICIC) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿيو. مختلف مالياتي ۽ اقتصادي ادارن جو اعليٰ عهديدار يا رُڪن رهيو، جن ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس، ڪائونسل آف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف بئنڪرس، سنڌ مدرسه بورڊ ۽ سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ائسوسيئيشن قابل ذڪر ادارا آهن. بئنڪ ڪاري، ماليات، اقتصاديات ۽ ٻاهرئين واپار جي موضوع تي آمريڪا، برطانيا، ايشيا ۽ يورپ ۾ بيشمار بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين. 30 جولاءِ 1966ع تي صدر ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان جي خزاني جو وزير ٿيو. مارچ 1961ع ۾ صدر پاڪستان کيس ’ستاره قائداعظم‘ ۽ 1965ع ۾ ’ستاره پاڪستان‘ جا اعزاز ڏنا. 1964ع ۾ وفاقي جمهوريه جرمنيءَ کيس ”ڪمانڊرز ڪراس آف دي آرڊر آف ميرٽ“ جي اوارڊ سان نوازيو. 6 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1913.08.11  عيسوي

اين . ايم . عقيلي: هن جو اصل نالو نبي بخش محمد صديق عقيلي آهي . هيءُ بئنڪ ڪار ۽ اقتصاديات جو ماهر ، 11 آگسٽ 1913ع تي ٺٽي جي مشهور عقيلي خاندان ۾ پيدا ٿيو .


1951.00.00  عيسوي

اين ايم عقيلي: 1951ع ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي شعبي فارين ايڪسچينج جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو .


1966.07.30  عيسوي

30 جولاءِ 1966ع تي صدر ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان جي خزاني جو وزير ٿيو .


1996.11.06  عيسوي

اين ايم عقيلي: 6 نومبر 1996ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد ملوڪ انڙ
افتخار محمد چوڌري جسٽس
پرمل ديوي ۽ سوريه ديوي
طيار
رامچند ايم ڪيولراماڻي
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر
بودلو سميجو
شيرين عبادي
رحم علي جعفري
سٻڙ خان خدمتگار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون